دوڙ شهر جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ وزٽ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو !

ڊائونلوڊ فيڪٽري

پنهنجي مرضي جا ڪتاب، سافٽويئرس ۽ آڊيو سانگس ڊائونلوڊ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو

Monday, 10 October 2016

زماني جو ستايل ڪو رُوح ڀٽڪيل آهيان مان-

ڇا مُحَبَّتَ ڪرڻ وارا ئي شاعر ٿيندا آهن....جيڪي پنهنجي وارتا ۽ زماني جي ستم ظريفي لفظن جو سهارو وٺي دنيا کي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن...ته محبت جا قاتل اڄ به آزاد پيا گُهمن....
جيئن منهنجو غزل....زماني جو ستايل، ڪو روح ڀٽڪيل آهيان مان-


اڳتي پڙهو »

Wednesday, 5 October 2016

خوبصورت شاعرن جي شعر کي سنڌي ۾ تخليق ڪرڻ جي ننڍڙي ڪاوش

ساحر احمد لدهيانوي ۽ مُنير نيازي جي خوبصورت غزلن ۽ شعرن کي سنڌي ٻولي ۾ خوبصورت موتين جي مالها پارائڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي...دوستن کي پسند اچي ته ڪمينٽس ضرور ڪن...



اڳتي پڙهو »

Tuesday, 23 August 2016

مُحبَّت يا فَريب

مُون جنهن سان گهاريل هِڪ، هِڪ لمحُو ڊائِري جي وَرقنِ تي اُتاريو هو، جنهن جو پيار پائڻ خاطر هر مُمڪِن ڪوشش ڪئي هئي، جنهنکي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لاءِ سندس پاڙيسري بنجي، کيس قريب کان ڏسڻ جي خواهش ڪئي هئي. هوءَ جنهن جي ڪري مسجد ۾ مولوي وٽ درس قرآن سکڻ لڳو هئس، ڇو جو هوءَ به مدرسي ۾ قرآن پڙهڻ ويندي هئي ۽ چوندي هئي ته کيس سورته رحمٰن تمام گهڻو وڻندي آهي، هوءَ جنهنجي رنگت گلاب جي گُل جهڙي ۽ سندُس چَپَ موتئي جي پنکڙين
مُحبَّت يا فَريب
جيان نرم ۽ نازڪ ۽ جسم ململ جيان مخملي هو، اُها نازُڪ ڇوڪري جيڪا هٿ لائڻ سان شَرم ٻُوٽي جيان ڪُومائجي ويندي هئي ۽ پوپٽ جيان اڏري ويندي هئي. ايتري سخت ۽ ڪٺور دل نڪتي جو، پٿر به کائنس پناهه گهرندا هئا. مُون سندس لاءِ پنهنجي من مَندَرَ ۾ جن سَپنن جا ڪاڪ مَحَلَ جوڙيا هئا، اُهي 
سندس هڪ ئي جُملي سان هِڪُ، هِڪُ ٿي  ڊهي پٽ پئجي ويا. ته تون آهين ڪير؟ تنهنجي حيثيت ڇا آهي؟ مان ان کان پڇڻ چاهيان ٿو ته، هوءَ جيڪا مُنهنجي سيني تي سُمهندي هئي ۽ مان کيس پنهنجي ٻانهُن جو هار بڻائيندو هئس، خبر نه آهي ته پوءِ سندس اها مُحَبَّتَ هُئي يا هُجت هئي؟ فريب هو يا ٽائيم پاس...؟ اڄ ايتري عرصي کانپوءِ هُن فيس بُڪ تي اهو ئي لکيو هو ته فقط ٽائيم پاس....جوابا‘ مون کيس لکيو هو، ته ها ٽائيم ته پاس ٿي ويندو....پر تُون پنهنجي ڏِنَل امتحان ۾ مُونکي ائين فيل ڪري ڇڏيندينءَ، مُون اهو هر گز نه سوچيو هو.... (ايم-ايڇ جمالي) پنهنجي  پرسنل ڊائري تان

اڳتي پڙهو »

Friday, 12 August 2016

اصل ۾ لاحاصل ئي حاصل آهي.. ۽ عداوت ۾ ئي مُحَبَّتَ آهي...

مُحَبَّتَ کان اذيت جي تلاش ۾
پيارُ خدا جي پرڇائي، عشق عبادت ۽ مُحَبَّتَ زندگيءَ جو مقصد آ... پر اگر اهو سڀ لا حاصل ٿي پوي، ته پوءِ زندگيءَ ۾ باقي ڪهڙيون خوشيون رهن ٿيون...بس پوءِ ته زندگيءَ جا سڀ رنگ ڄڻ بي رنگ ٿي ويندا  آهن. (اصل ۾ مُحَبَّتَ ته آهي ئي لاحاصل). جيئن انسان مرڻ سان اَمَر ٿي ويندو آهي... بلڪل ائين ئي مُحَبَّتَ به ميلاپ سان ختم ٿي ويندي آهي، پرمُحَبَّتَ نه ملڻ سان ئي ملندي آهي...اگر مُحَبَّتُون ائين ئي ملي وڃن ها، ته پوءِ رانجهو ڪيئن هِيرَ لئي تڙپي ها، سسئي ڪيئن پنهون پويان رڻن ۾ رُلي ها، مَجنُون ڪيئن ليلان پويان ليلائي ها، فرهاد ڪيئن پهاڙن کي چيري، کير جون نديون وهائي ها ۽ سهڻي ڪيئن سِيرَ ۾ ٻُڏي ها...اصل لاحاصل ئي مُحَبَّتَ آهي. ڀٽائي سائين به ان خيال جي تائيد ڪئي آهي، ته
ڳوليان ڳوليان، شالَ مَ مِلان هوتَ-
من اندر جي لوچَ، ملڻ سان ماٺي ٿئي-
ڀٽائي به مُحَبَّتَ ۾ اها سڙڻ ۽ تڙپڻ واري اذيت ۽ سِڪَ برقرار رکڻ چاهي ٿو. تڏهن ته چوي ٿو ته هن کي در در ڳوليان پر پوءِ به شال مونکي نه ملي. ڇو جو هن جي ملڻ سان جيڪا اندر ۾ هن جي اُتساهه جي اُڃ آ، سا ختم ٿي ويندي. هو چاهي ٿو ته اها مٺي مٺي اذيت ۽ مٺو مٺو درد ۽ سڪ هميشه برقرار رهي... ۽ مان کيس ان ئي سڪ ۽ اُتساهه سان ڳوليندو رهان..


اڳتي پڙهو »

Wednesday, 10 August 2016

پيارَجي پهرين چُمي


سانوڻيءَ جي موسم ۽ ڪڪرن جي ڪارُونڀار هيٺ هوائن جي هندوري ۾ منهنجي رُوح جو رقص ۽ سندس ذلفن جي ڇانو ۾ سندس پيار جي پهرين چُمي، ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي....؟ اگر وسارڻ چاهي ته وساري نه سگهي، هُن کي دل مان ڪڍڻ چاهي، پر دل مان ڪڍي نه سگهي....هڪ رات هن جو خواب ۾ اوچتو اچڻ ۽ مُنهنجو گهري ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳڻ ۽ پوءِ ساري 
هوءَ منهنجي خوابن جي راڻي، ڪري ياد اکين مان اچي ٿو پاڻي

رات جاڳي تارن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ پوءِ تارن جي جهرُمٽ مان چَنڊَ جو مُونڏي مُرڪِي ڏسڻ ۽ ننڊ جي ديوي جي آغوش ۾ منهنجو مدهوش ٿيڻ... هڪ دوست چيو، ...زندگيءَ ۾ مُحبَّت هڪ دفعو ڪبي آهي..مون چيو بلڪل صحيح، زندگيءَ ۾ مُحبت هڪ دفعو ئي ڪبي آهي....باقي مُحَبتُون ته ان مُحَبَّت کي ڀلُائڻ لاءِ ڪبيون آهن...... (ايم.ايڇ جمالي پنهنجي پرسنل ڊائري تان)

اڳتي پڙهو »